ٿم 2

ٿم2: هن قديمي ماڳ جا دڙا 600 ق.م پراڻا آهن. هي دڙا 270 54' اتر 690 52' ڏکڻ ڳوٺ احمد خان مھر ضلعي سکر ۾ موجود آهن. ھي ماڳ 10.5 ڪلو ميٽر ڳوٺ احمد خان مھر واري ٿم رينجرس پوسٽ وٽ آھي. 750x611 فوٽ ڊيگھه ۽ ويڪر وارو هي ماڳ 16 فوٽ زمين جي مٿاڇري کان مٿي آھي. هتان لڌل وٿن ۾ گول مڻيا، چٽيل ۽ ليڪاؤن ٺڪر، لوھ جا ڪسيل ۽ ڳريل ٽڪرا مليا آھن. لوھه سنڌ ۽ پنجاب ۾ 600 ق. م ڌاري استعمال ھيٺ آيو آھي، ان لاءِ اھو ماڳ پراڻو ٿي سگھي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو